حبيب الله فڪري

حبيب الله فڪري: الله فڪري'>حبيب الله فڪري سليمان شوافي، 1907ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ مدرسة الاسلام ۾ شاگرد ئي هو ته انگريزن خلاف گانڌيءَ پاران عدم تعاون جي تحريڪ شروع ٿي. هن عدم تعاون تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ تحريڪ آزاديءَ ۾ به حصو ورتائين. هو ’مسلم نيشنل گارڊ‘ جو سالار به هو. عمر جي آخري حصي ۾ انگريزي اخبار ’ڊان‘ ۾ ملازمت ڪيائين. الله فڪري'>حبيب الله فڪري شاعر، افسانه ۽ ڊرامانگار هو. ڪجهه عرصي تائين بزم ادب ۽ بزمِ نظاميءَ جي سيڪريٽري ۽ قليچ لٽرري سوسائٽي ۽ جميعت الشعراء سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتون ڪندو رهيو. انهيءَ کان سواءِ هفتيوار ’وحدت‘ ۽ ماهوار ’سخن ور‘ جو ايڊيٽر به رهيو.
هن 1974ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ حبيب الله فڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو